اڄ 10 آڪٽوبر 2025ع چنڊ ۽ ست ڀينرون رات جو گڏ نظر ايندا

زميني مٿاڇري ڏا ڏسندڙن ۽ تارن جي شوقينن لاءِ هن آڪٽوبر جي مهيني ڪيترائي سندرتا نظرا ڏسڻ لائق موجود آهن، 10 آڪٽوبر جي رات، پورو چنڊ پلئيديز تارن جي جھرمٽ ويجھو گذرندو، جنھن کي ست ڀينرون پڻ چيو ويندو آهي. هيءَ دلڪش فلڪي ملاقات هر اُن ماڻهو لاءِ ڏسڻ جو موقعو آهي، جيڪو رات جي سندرتائون جي حسن سان محبت رکي ٿو.

پلئيديز تارا ڇا آهن؟

پلئيديز (پڙهجي ٿو پلي-ا-ديز) هڪ روشن ۽ سُهڻي نموني ڏسڻ ۾ ايندڙ تارن جو جھرمٽ آهي، جيڪو تورس (Taurus) يعني سور جي برج ۾ واقع آهي. هي تارا عام اک سان بہ نظر اچن ٿا، ۽ هزارين سالن کان دنيا جي مختلف تهذيبن هنن کي ساراهيو ۽ مختلف شين سان ڀيٽو آهي، عام طور تي ماڻهو ڇھ يا ست تارا ڏسي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن توهان وٽ پري وارو نظارو ڪرڻ واري دوربين (Binoculars) هجي، تہ گڏوگڏ اوهان ڪيترائي وڌيڪ تارا چمڪندي ڏسي سگهو ٿا.

هي رات خاص ڇو آهي؟ 10 آڪٽوبر تي، چنڊ پلئيديز جي بلڪل ويجھو گذرندو، جيڪو هڪ حيرت انگيز سندرتا نظارو پيدا ڪندو.  توهان جي علائقي موجب، چنڊ تارن جي هن جھرمٽ جي بلڪل ڀرسان يا انهن جي وچ ۾ بہ ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو. پورو چنڊ جي نرم روشني ۽ پلئيديز تارن جي نيري چمڪندڙ تارن جو گڏيل نظارو رات جي سندرتا تي شاندار حسن پيدا ڪندو آهي، انکي ڏسڻ لاءِ شام کان پوءِ اوڀر طرف زميني مٿاڇري ڏانهن ڏسو. چنڊ ۽ پلئيديز آهستي آهستي مٿي چڙهندا ويندا، جنهن سان نظارو وڌيڪ صاف ظاهر ٿيندو ويندو، انڪري چنڊ تان پنهنجو ڌيان نہ هٽايو ۽ ان جي ڀرسان توهان کي پلئيديز جا تارا چمڪندي ڏسڻ ۾ ايندا. جيڪڏهن ڪنھن وٽ دوربين آهي تہ نظارو اڃان سُندرتا ڏيک ڏيندو، انڪري ايترو ويجهو چنڊ ۽ پلئيديز جو ملاپ ٻيهر جلد ڏسڻ لاءِ نہ ملندو، تنهنڪري هن موقعي کي ڏسڻ نہ وساريندا

ٿورا: دريا خان سنڌي

Previous Post Next Post