محققن موجب 99 سيڪڙو دل جا دورا ۽ فالج جا سبب ھاءِ بلڊ پريشر، ھاءِ ڪوليسڙول، ھاءِ بلڊ شوگر، ۽ سگريٽ نوشي آھن.

محققن موجب 99 سيڪڙو دل جا دورا ۽ فالج جا سبب هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪوليسٽرول، هاءِ بلڊ شوگر، ۽ سگريٽ نوشي آھن.

اتر ويسٽرن يونيورسٽي ۽ ڏکڻ ڪوريا جي محققن جي هڪ وڏي مطالعي مان معلوم ٿيو آهي تہ تقريبن 99 سيڪڙو پهريون ڀيرو دل جي دوري، فالج ۽ دل جي ناڪامي جا واقعا بلڊ پريشر جو وڌي وڃڻ، ڪوليسٽرول جو وڌيل سطح، رت ۾ شوگر جو وڌي وڃڻ، ۽ تمباڪو نوشي سبب ٿين ٿا.

محققن ڏکڻ ڪوريا جي 90 لک کان وڌيڪ نوجوان ماڻهن ۽ آمريڪا جي لڳ ڀڳ 7 هزار ماڻهن جا ڊيٽا گڏ ڪيا، جن کي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين پرکيو ويو. نتيجن مان ظاهر ٿيو تہ تقريبن هر اهو ماڻهو جنهن کي دل يا فالج جهڙو ڪارڊيوواسڪولر واقعو پيش آيو، وٽس گهٽ ۾ گهٽ هڪ خطري وارو عنصر اڳ ۾ موجود هو، ۽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ وٽ ٻہ يا وڌيڪ عنصر هئا. انهن مان، وڌيل بلڊ پريشر سڀ کان وڌيڪ عام ۽ اثرائتو ثابت ٿيو.

تحقيق ۾غير مثالي“حدون (يعني مثالي سطح کان ٿورو مٿي) استعمال ڪيون ويون، جن مان خبر پئي تہ جيتوڻيڪ ٿوري واڌ بہ انهن قدرن ۾ خطري کي نمايان طور وڌائي ٿي. اها ڳالهہ بہ اهم آهي تہ هي چارئي عنصر ئي دل جي بيمارين جا اڪيلا سبب نہ آهن، جينيٽڪس، سوزش، ۽ ٻين طرزِ زندگي وارن عادتن جو بہ ڪردار آهي پر تحقيق پختي نموني ڏيکاريو تہ جيڪڏهن انهن چار عنصرن کي سنڀاليو وڃي تہ دل ۽ فالج جهڙن گهڻن ئي واقعن کان بچي سگهجي ٿو.

نتيجن زور ڏنو ويو تہ وقت کان اڳ بچاءَ لاءِ باقاعدہ جاچ، صحتمند خوراڪ، ورزش، ۽ تمباڪو نوشي کان پرهيز گھڻي ضروري آهي، ڇوتہ بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول يا رت ۾ شوگر جي معمولي واڌ بہ ڊگهي مدي وارا سنگين اثر ڇڏي سگهي ٿي.

ٿورا: دريا خان سنڌي

Previous Post Next Post