ٻار جو ڊي اين اي ماءَ جي رت ۾ سالن تائين رھي سگھي ٿو

ٻار جو ڊي اين اي ماءُ جي رت ۾ سالن تائين رهي سگهي ٿو ۽ زندگيءَ لاءِ سندس دماغ ۾ بہ، اهو رجحان ڏيکاري ٿو تہ ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ ڳانڍاپو واقعي هميشہ لاءِ قائم رهي ٿو.

حمل وقت هڪ حيرت انگيز حياتياتي تبادلو ٿئي ٿو جڏهن ٻار جا ننڍڙا (گهرڙا-سيلز) پلاسئنٽا مان گذري ماءُ جي جسم ۾ داخل ٿين ٿا ۽ سندس (بافتن-ٽشوز) ۾ پنهنجو ماڳ ٺاهين ٿا، ان حيرت جي عمل، جنهن کي فِيٽل مَٽرنل مائيڪروڪائيميرزم چيو وڃي ٿو، اهو ظاهر ڪري ٿو تہ ٻار جو ڊي اين اي (DNA) ماءُ جي رت ۾ سالن تائين گردش ڪندو رهي سگهي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن دماغ، دل، ۽ هڏن جي ميرو جهڙن عضون ۾ بہ ضم ٿي وڃي ٿو. ڪجھ حالتن ۾ اهي گهرڙا سڄي زندگي تائين باقي رهن ٿا، ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ هڪ دائمي حياتياتي ناتو پيدا ڪندي.

سائنسدانن جو خيال آهي تہ اهي فِيٽل گهرڙا ماءُ جي صحت تي مثبت ۽ پيچيدھ ٻنهي ريتن سان اثرانداز ٿي سگهن ٿا جيئن ٽشوز جي مرمت ۾ مدد ڪرڻ، مدافعتي نظام کي منظم رکڻ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ آٽو اِميون بيمارين سان لاڳاپو رکڻ. هڪ اهم تحقيق جيڪا PNAS (2012) ۾ پڌري ٿي، ان ۾ عورتن جي دماغ ۾ مرد ٻارن جو ڊي اين اي ڳوليو ويو، جن جي حمل کي ڏهاڪا گذري چڪا هئا اهو ڏيکاري ٿو تہ ماءُ جو جسم پنهنجي ٻار جي جينياتي مواد سان ڪيترو گهرو جڙيل رهي سگهي ٿو.

اها هڪ خوبصورت ياد ڏيارڻ آهي تہ ماءُ ۽ ٻار جو ناتو رڳو جذباتي ناهي ھوندو، پر حياتياتي بہ هجي ٿو، ڄمڻ کان پوءِ بہ جيڪو ساڳيو رهي ٿو، ٻار جو هڪ حصو ماءُ جي وجود ۾ زندھ رهي ٿو، خاموشي سان، پر اڻٽر طور، سندن ناتي کي ماءُ جي حياتيات ۾ ڳنڍي ڇڏيندو آهي.

ٿورا: دريا خان سنڌي

Previous Post Next Post