هاڻي مستقبل ۾ ڊائون سنڊروم وارا ٻار پيدا نہ ٿيندا، جاپاني سائنسدانن ان واڌاري ڪروموسوم جي خرابي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي.

هاڻي مستقبل ۾ ڊائون سنڊروم وارا ٻار پيدا نہ ٿيندا جاپاني سائنسدانن ان واڌاري ڪروموسوم جي خرابي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي.

جاپان جي ماهرن هڪ حيرت انگيز جينيٽڪ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جتي انهن CRISPR-Cas9 جين ايڊيٽنگ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ڪروموسوم 21 جي واڌاري ڪاپي، جيڪا ڊائون سنڊروم (Trisomy 21) جو بنيادي سبب بڻجندي آهي ان کي انساني گهرڙن مان ڪاميابي سان ختم ڪيو آهي. هي تجربو مي يونيورسٽي (Mie University) ۾ ڪيو ويو، ۽ اهو پهريون ڀيرو آهي جو سائنسدانن ان سطح تي صحيح طريقي سان مڪمل ڪروموسوم کي هٽائڻ جو مظاهرو ڪيو آهي.

ڊائون سنڊروم هر 700 پيدا ٿيندڙ ٻارن مان لڳ ڀڳ هڪ ٻار کي متاثر ڪري ٿو، جنهن سبب ذهني ۽ جسماني ترقي ۾ مشڪلاتن کان سواءِ، دل جا نقص، ۽ ٿائرائيڊ جا مسئلا پيدا ٿين ٿا، گهرڙي جي سطح تي ان حالت کي صحيح ڪرڻ جي صلاحيت مستقبل ۾ جينياتي علاج، پيدائش کان اڳواٽ علاج، ۽ ري جنريٽو ميڊيسن (regenerative medicine) لاءِ نوان دروازا کولي سگهي ٿي، جيڪا تحقيق اڃان ليبارٽري جي گهرڙن تي ڪئي وئي آهي، پر انکي هاڻي انسانن تي بہ آزمائش لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي جڏهن تہ هي سائنسي اڳڀرائي تاريخي آهي، ان سان گڏوگڏ اخلاقي بحثن کي ٻيهر پڻ جنم مليو آهي، ماهر خبردار ڪن ٿا تہ انساني جينوم ۾ تبديلي ڪرڻ سان بيمارين جي علاج ۽ انساني خوبيون ڊزائن ڪرڻ جي وچ ۾ حدون مختلف ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان رضامندي، رسائي، ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن بابت سوال اڀرن ٿا، پر ان هوندي بہ، دنيا جي لکين خاندانن لاءِ هي اميد جي علامت آهي، هڪ اهڙو مستقبل جتي علاج نہ پر روڪٿام ممڪن ٿي سگهي ٿي، هي رڳو سائنس ناهي هي سمجھ، ذميواري ۽ اميد جي نئين دور جي شروعات آهي جيڪا هاڻي اھڙن مسئلن کي حل ڪندي.
ٿورا: دريا خان سنڌي


Previous Post Next Post