جاپاني سائنسدانن اهڙا لينس ٺاهي ورتا، جيڪي انفراريڊ روشني ڏسڻ جي صلاحيت رکندڙ آهن

جاپاني سائنسدانن اهڙا لينس ٺاهي ورتا، جيڪي انفراريڊ روشني ڏسڻ جي صلاحيت رکندڙ آهن. جيڪي جسم جي گرمي ۽ اک ڇنڀڻ مان توانائي حاصل ڪن ٿا.

جاپان جي سائنسدانن اهڙا انقلابي گرافين بنياد تي تيار ڪيل ڪانٽيڪٽ لينس ٺاهيا آهن، جيڪي استعمال ڪندڙ کي انفراريڊ روشني ڏسڻ جي صلاحيت ڏين ٿا، يعني اصل ۾ رات جي نظر (Night Vision) سواءِ ڪنهن ٻاهري پاور سورس يا هيڊ سيٽ جي ممڪن ٿي وئي آهي ان سان اهي لينس گهڻا سنهڙا ۽ صاف گرافين سينسرز مان ٺهيل آهن، جيڪي گرميءَ جا نشان پڻ Heat Signatures محسوس ڪن ٿا ۽ انهن کي سڌو استعمال ڪندڙ جي ريٽينا تي نظر ايندڙ تصويرن ۾ تبديل  پڻ تبديل ڪن ٿا.

ڳرن ۽ وڏين نائيٽ-ويزن چشمن جي ابتڙ، اهي سمارٽ لينس جسم جي گرمي ۽ اک ڇنڀڻ Blinking مان توانائي حاصل ڪن ٿا، جنهن سبب اهي مڪمل طور تي خودڪار ۽ خود توانائيءَ سان هلندڙ لينس آهن، شروعاتي ليبارٽري تجربن ۾ ڏيکاريو ويو تہ استعمال ڪندڙ مڪمل اونڌاهي ۾ بہ حرڪت ۽ شين کي صاف نموني سان ڏسي سگهن ٿا، جنھن جو مقصد فوجي ۽ سيڪيورٽي مقصدن کان سواءِ بہ استعمال ڪري سگھجي ٿو، سائنسدانن جو چوڻ آهي تہ هي ٽيڪنالاجي طبي تصويرڪشي Medical Imaging ۾ بہ انقلاب آڻي سگهي ٿي ڊاڪٽرن کي رت جي وهڪري ۽ ٽشوزن جي حالت سڌو سنئون ڏسڻ جي صلاحيت پڻ ڏيندي.

هي ٽيڪنالاجي انساني نظر جي حدن کي نئين سطح تي وٺي ويندي، جتي حياتيات Biology ۽ نانو ٽيڪنالاجي Nanotechnology هڪ ٻئي سان ملي انساني نظر کي نئين معائني سان وسيعت ڏيندا.

ٿورا: دريا خان سنڌي


Previous Post Next Post